حبدار سولنگي

حبدار سولنگي

حبدار سولنگي

حبدار سولنگي: نوجوان شاعر حبدار ولد علي بخش سولنگي، پهرين مارچ 1978ع تي ڳيريلي تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمري تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪئي. سندس تعليم ايم. اي سنڌي آهي. هن لکڻ جي شروعات 1993ع ۾ ڪئي. سندس شاعريءَ جا 2 ڪتاب ‘سانت جو آواز’ 2004ع ۽ ‘خواب ٿا کولين اکيون’ 2015ع ۾ ڪنول پبليڪيشن- قنبر طرفان شايع ٿيل آهن. جڏهن ته: ‘روشنيءَ جون ريکائون’ 2004ع، ۽ ‘اداس روح ازل کان’ 2015ع ۾ ترتيب ڏنل آهن. هن ٻاراڻي ادب ۾ ڪيترائي نظم ۽ گيت لکيا آهن. سندس شاعري مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندي رهي ٿي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ ڳيريلي جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي ۽ ڳيريلو هسٽاريڪل سوسائٽي جو جنرل سيڪريٽري آهي. حبدار هن وقت ڳيريلي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.03.01  عيسوي

نوجوان شاعر حبدار ولد علي بخش سولنگي، پهرين مارچ 1978ع تي ڳيريلي تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير عبدالحسين خان ٽالپر سانگي
دريا خان فقير 1
آخوند لطف الله لطف قريشي
احمد فقير لغاري
عالم شير گبول حاجي
سائر مزمل هاليپوٽو
ٺٽوي امام بخش شاهه فدوي
زين العابدين شاهه زينل پير
بهادر فقير لغاري
سدارام ڀڳت
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون